ڪوڙهه برص

ڪوڙهه/برص: ڪوڙهه جو مرض. چمڙي جي هڪ بيماري، جنھن ۾ سڄي جسم تي اڇا چٽا يا داغ ٿي پوندا آهن. قرآن شريف جي سورة ’آل عمران‘ ۾ هن بيماريءَ جو ذڪر ڪيو ويو آهي ته حضرت عيسيٰ عليہ السلام پنھنجي قوم کي چيو ته ”آءٌ ڄائي ڄم کان انڌي کي اکيون ڏيندس ۽ ڪوڙهه جي بيماريءَ کان نجات ڏياريندس“.


هن صفحي کي شيئر ڪريو